رشتن جو رقص

رشتن جو رقص

رشتن جو رقص

رشتن جو رقص (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪار ريٽا شهاڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جيڪو 32 ڪهاڻين تي مشتمل آهي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل يا ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جھاتي پائي، انهن جو اندر اُپٽي، پڙهندڙن اڳيان پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي ابتدا ۾ ڪلا پرڪاش ۽ تاج جويي پنهنجا تاثرات ڏنا آهن. ڪتاب جو مهاڳ مشهور نقاد ’ولي رام ولڀ‘ جو لکيل آهي. ريٽا شهاڻي ڪهاڻين سان گڏ ’رشتا ناچ نچن ‘جي نالي سان پنهنجو نظم به پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2005ع ۾ ’ڪويتا‘ پبليڪيشن، حيدرآباد جي سهڪار سان ڇپجي پڌرو ٿيو.
ڊيمي سائيز جو هيءُ ڪتاب 167 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ان جي قيمت 120 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو